آفاق صديقي

آفاق صديقي

آفاق صديقي

آفاق صديقي: پروفيسر آفاق صديقي اردوءَ جو مشهور شاعر ۽ دانشور آهي، هن 5 مئي 1928ع تي شيخوپوره، ضلعي فرخ آباد (ڀارت) ۾ جنم ورتو. ايم. اي تائين تعليم حاصل ڪيائين. ورهاڱي کان پوءِ پاڪستان لڏي آيو ۽ سکر ۾ رهائش اختيار ڪيائين. 1975ع ۾ گورنمينٽ ماڊل ڪاليج ميرپورخاص ۾ اردو شعبي جو صدر ٿيو. درس ۽ تدريس سان گڏوگڏ تصنيف، تاليف ۽ ترجمي جي ڪمن ۾ وڏي محنت سان مشغول رهيو. هن خاص ڪري سنڌي ادب کي اردو پڙهندڙ طبقي ۾ روشناس ڪرائڻ ۾ غيرمعمولي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. سندس تصنيفن ۾ هيٺيون قابل ذڪر آهن: ”شيخ اياز جي سنڌي نظمن جو اردو ترجمو“؛ شاهه لطيف جي شخصيت ۽ شاعريءَ تي ڪتاب ”عڪس لطيف“ (جنهن تي رائٽرس گلڊ کيس ادبي انعام ۽ ٻيا اعزاز به ڏنا)“ ”سنڌي ٻوليءَ جي جديد اديبن ۽ شاعرن جي چونڊ تخليقن جي ترجمن جو مجموعو“؛ ”سچل سرمست جي شاعري ۽ شخصيت“ تي تحقيقي ڪتاب ”شاعر حقِ نور“؛ ”باباءِ اردو“، ”وادي مهران ۾“، ”قلب سراپا“ (شاعريءَ جو مجموعو) وغيره. ان کان سواءِ تعليمي ۽ درسي ڪتابن جي تدوين ۽ اشاعت جا ڪم ڪندو رهي ٿو. لطيف شناسيءَ ۽ اياز شناسيءَ تي دسترس رکي ٿو. هن شاهه جي رسالي جي منظوم اردو ترجمي ۾ شيخ اياز جي مدد به ڪئي. نوٽ : آفاق صديقي 16 جون 2012ع تي وفات ڪئي.


لفظ آفاق صديقيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1928.05.05  عيسوي

آفاق صديقي 5 مئي 1928ع تي شيخوپوره ، ضلعي فرخ آباد ( ڀارت ) ۾ جنم ورتو .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بهاول فقير
ڀڳوان کلناڻي ساقي
عـزيـزالله مجروح
بيوس رضوي
راشد مورائي
صاحب راءِ آزاد
شبير هاليپوٽو
محمد محسن پاٽولي ٺٽوي
حمل فقير 1
جلال کٽي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون